روهت شرما ريٽائرمينٽ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان روهت شرما انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙيندي واضح ڪيو ته سندس مڪمل ڌيان ڀارت جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب 39 ورهين جي روهت شرما اهڙو بيان انگلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 110 بالن تي 138 رنسن جي اننگز کيڏڻ کانپوءِ ڏنو. ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته لارڊز ۾ کيڏيل هي ميچ روهت شرما جي آخري ون ڊي ثابت ٿي سگهي ٿي، پر ويٽر اوپنر انهن خبرن کي اهميت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) سان ڳالهه ٻولهه ۾ روهت شرما چيو ته منهنجو ڪم بيٽنگ ڪرڻ، ميدان تي لهڻ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ آهي. هي اها ذميواري آهي جيڪا مون کي منهنجي شروعات کان ئي ڏني وئي آهي ۽ مان ان کي نڀائيندس. هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات کان وٺي مختلف شيون آيون آهن ۽ جيستائين مان ڪرڪيٽ کيڏندس اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته اهو شور مون لاءِ گهڻو ڪجهه نٿو ڪري. مون لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته آئون فيلڊ تي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪيئن ڪردار ادا ڪريان. جيڪڏهن ڪو شور نه آهي ته پوء ڪو مزو نه آهي. واضح رهي ته روهت شرما اڳ ۾ ئي 2027 ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي، جنهن جي ميزباني ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا گڏيل طور تي ڪندا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment