شادي جي سوال تي جنت مرزا جو جواب

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ سوشل ميڊيا تي اثر رکندڙ جنت مرزا پنهنجي شادي جي حوالي سان هڪ سوال تي کليل دل سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ اهڙو جواب ڏنو جيڪو سوشل ميڊيا صارفين جي ڌيان ڇڪائي رهيو آهي.

جنت مرزا تازو ئي انسٽاگرام تي مداحن سان سوالن جوابن جو سيشن منعقد ڪيو، جنهن ۾ کانئس مختلف موضوعن تي سوال پڇيا ويا. ان دوران، هڪ صارف پڇيو ته هوء ڪڏهن شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

ان سوال جي جواب ۾ جنت مرزا واضح طور تي چيو ته هوءَ پاڻ کي خبر ناهي ته شادي ڪڏهن ٿيندي. هن چيو ته اڄڪلهه شادي شده ماڻهن جي زندگي جا حالات ڏسي شادي ڪرڻ لاءِ دل ئي نه ٿي لڳي، ڇو ته کين لڳي ٿو ته ان کانپوءِ زندگي ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا.

هن وڌيڪ لکيو ته شادي کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي سٺي زندگي متاثر ٿيڻ لڳي آهي ان ڪري هن اهم فيصلي ۾ جلدي ڪرڻ مناسب ناهي. جنت مرزا جو چوڻ آهي ته شاديءَ جهڙو فيصلو مڪمل اطمينان ۽ سوچ ويچار کان پوءِ ئي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جلد بازي وارو فيصلو بعد ۾ پشيمانيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment