ايران جو گهرو وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب محسن نقوي جي دعوت تي جلد پاڪستان جو اهم دورو ڪندو.
ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب گهرو وزير سان گڏ وفد ۾ زراعت، صنعت، مائننگ، واپار، ٽرانسپورٽ، روڊ ۽ شهري ترقي، ثقافتي ورثو، سياحت، پرڏيهي معاملن ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي دورو صرف سيڪيورٽي معاملن تائين محدود ناهي پر اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي هڪ نئون رخ ڏيڻ جي ڪوشش پڻ آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحد جي سلامتي، واپار، زراعت، توانائي ۽ علائقائي امن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ٻطرفي واپار کي 3 ارب ڊالرن مان وڌائي 10 ارب ڊالر ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. جنهن لاءِ سرحدي واپار، ڪسٽم تعاون، زرعي شعبي، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ لنڪس ۽ توانائي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.
ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل سرحد تي سڪيورٽي، دهشتگردي جي روڪٿام، غير قانوني سمگلنگ خلاف قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.
ان کان علاوه ايراني اختيارين پاڪستاني اختيارين سان اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ زميني سفر جي سهولت، ويزا جي انتظامن ۽ ٻين مذهبي سفري معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو.
اهو دورو تازو مهينن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل آهي. جون ۾ ايراني صدر مسعود پاشڪيان به پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو هو.
ان کان پوءِ پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي به تهران جو دورو ڪيو، جتي ٻنهي گهرو وزيرن ايران ۽ پاڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ان کان اڳ ايران جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻن هفتن کان جاري فوجي ڇڪتاڻ کانپوءِ مختلف ثالثي ڪندڙ ملڪن طرفان امن ڳالهين جي بحالي لاءِ سفارتي رابطن ۽ تجويزن جو تبادلہ ڪيو پيو وڃي.


