آمريڪي صدر چيو آهي ته ايران خلاف جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي صورتحال تمام جلد ختم ٿي ويندي ۽ آمريڪا ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.
وائيٽ هائوس ۾ قانون سازن سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران هاڻي ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو صورتحال مان ٿڪجي چڪو آهي.
صدر ٽرمپ چيو ته اسان هن جنگ کي جلد ختم ڪنداسين، ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهي پر اسان کين ائين ڪرڻ نه ڏينداسين.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ان معاملي ۾ سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي ويندو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته واشنگٽن جي ڪوشش آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام روڪي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ نه وڌي.
اهو بيان ان وقت آيو جڏهن آمريڪا ۾ ريپبلڪن اڪثريت هڪ قرارداد پيش ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جيڪو ايران خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائي کي ڪانگريس جي واضح منظوري سان مشروط ڪندو.
آمريڪي ميڊيا موجب ان قرارداد تحت صدر کي ايران خلاف فوجي ڪارروايون جاري رکڻ لاءِ ڪانگريس کان باضابطه اجازت جي ضرورت پوندي.
ٻئي طرف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب وچ اوڀر جي صورتحال غير يقيني بڻيل آهي، جڏهن ته عالمي برادري جنگ جو دائرو وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي.


