قومي احتساب بيورو (نيب) خيبرپختونخواهه صوبي جي وڏي مالياتي ڪوهستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ وڌيڪ 21 ڪروڙ 13 لک 76 هزار رپيا وصول ڪري ورتا آهن. نيب موجب جوابدار دراج خان جي پنجن مبينا بي نامدارن کان سموري رقم گڏ ڪري احتساب عدالت نمبر 3 پشاور ۾ جمع ڪرائي وئي، جيڪا جاري جاچ ۾ اهم اڳڀرائي آهي. نيب ذريعن موجب ڪوهستان ميگا اسڪينڊل ۾ هن وقت تائين 42 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 6 جوابدارن وٽان ڪروڙين رپيا وصول ڪيا ويا آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وڌيڪ پلي بارگين درخواستون غور هيٺ آهن، جيڪي جلد حتمي منظوري لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون. نيب موجب هن ميگا اسڪينڊل ۾ هن وقت تائين 27 ارب 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن، جن ۾ نقد رقم، پرڏيهي ڪرنسي، سونا، ڪمرشل ۽ رهائشي ملڪيتون، شاندار فارم هائوس ۽ لگزري گاڏيون شامل آهن.
Source link

خيبرپختونخواهه؛ ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل، 21 ڪروڙ 13 لک کان وڌيڪ جي وصولي
Leave a Comment Leave a Comment

