پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جي ڀيڻ نورين خان جي تڪراري بيان ۽ عليما خان جي اسٽريٽ موومينٽ کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ ذريعن کان ايڪسپريس نيوز کي مليل ڄاڻ موجب تحريڪ انصاف جي قيادت عليما خان جي اسٽريٽ ڪرائم ۽ نورين نيازي جي تڪراري بيان کي ذاتي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
تحريڪ انصاف جي اهم ڪارڪنن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ نورين نيازي جو بيان سندس ذاتي آهي ۽ پارٽي پاليسيءَ جي عڪاسي نٿو ڪري، جڏهن ته عليما خان جي اسٽريٽ ڪرائيم کي ڀليڪار آهي پر عوام سان سڌو رابطو سندس ذاتي عمل آهي.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته احتجاج لاءِ ماڻهن کي اهڙي ريت ٻاهر نڪرڻو پوندو، پر حتمي فيصلو پارٽي ڪندي، جنهن بابت مشاورت ڪئي پئي وڃي. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن واضح ڪيو ته سياسي فيصلا سياسي قيادت ڪندي، پي ٽي آءِ جي باني خاندان جا عمل ذاتي آهن، پارٽي فيصلن ۾ خاندان سان صلاح مشورو ڪندا رهنداسين.
واضح رهي ته عمران خان جي ڀيڻ نورين خان هڪ يوٽيوب کي انٽرويو ڏيندي فرقيواريت ۽ پاڪ فوج بابت تڪراري بيان ڏنو هو، جنهن تي اين سي سي آءِ اي کيس نوٽيس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته عليما خان خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ وڏي وزير سان گڏ عوام کي خطاب ڪري چڪي آهي.


