آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ چاهي ٿو پر واشنگٽن ايران کي آبنائي هرمز تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ يا عالمي شپنگ تي پابندي جي اجازت نه ڏيندو.
فلپائن جي شهر منيلا ۾ ايشيان جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ته اسان اڃا تائين سفارتڪاري لاءِ کليل آهيون پر ايران پاران عالمي آبي رستن تي پنهنجون شرطون لاڳو ڪرڻ ناقابل قبول آهي.
هن چيو ته ايران عالمي ڪمرشل جهازن کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ اهو طئي ڪرڻ چاهي ٿو ته آبنائے هرمز مان ڪهڙا جهاز گذري سگهن ٿا ۽ ڪير نٿا وڃن، جڏهن ته آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ اهڙي صورتحال کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
روبيو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبنائي هرمز نه رڳو آمريڪا لاءِ پر دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ به هڪ اهم واپاري رستو آهي، تنهن ڪري عالمي برادري کي به ان معاملي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته تازو آمريڪا اسرائيل جنگ ۾ ايران جي معيشت ۽ فوج کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن جي مطابق، گذريل ٻن ڏهاڪن کان، تهران پنهنجي قومي ترقي جي بدران ميزائل، ڊرون پروگرامن ۽ هٿياربند تنظيمن تي وسيلا خرچ ڪيو آهي.
آمريڪي فوجين جي وڌندڙ جاني نقصان ۽ زخمين بابت پڇيل سوال تي روبيو چيو ته جنگي علائقن ۾ هميشه خطرا هوندا آهن پر آمريڪا پنهنجي مفادن ۽ اتحادين جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو رهندو.
مارڪو روبيو موجب جيڪڏهن ايران واقعي سنجيده ڳالهين چاهي ٿو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ تيار آهي پر خطي ۾ عالمي شپنگ ۽ عالمي واپار کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو.
بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ آبنائے هرمز جي صورتحال عالمي توانائي ۽ واپاري مارڪيٽن لاءِ پريشاني جو باعث بڻيل آهي.


