آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين پاران آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل تي لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا يورپ جو خزانو ناهي ۽ ان کي ٿيڻ نه ڏينداسين.
پنهنجي بيان ۾ هن اهو به الزام لڳايو ته يورپي يونين آمريڪي ڪمپنين ۽ آمريڪي ٽيڪس ادا ڪندڙن کان ناانصافي سان مالي فائدو وٺي رهي آهي.
آمريڪي صدر اعلان ڪيو ته آمريڪي حڪومت فوري طور تي جاچ شروع ڪندي ته ڪيئن يورپي يونين آمريڪي ڪمپنين سان تعصب ۽ غير منصفانه سلوڪ ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته يورپي يونين کي ان غير قانوني ۽ غير اخلاقي رويي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جنهن بابت مان کيس اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪو آهيان.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يورپي يونين جي ريگيوليٽرز گوگل تي 890 ملين يورو ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.
يورپي اختيارين چيو آهي ته گوگل پنهنجي سرچ سروس ۽ ايپ اسٽور سان لاڳاپيل آن لائن مقابلي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪمپني جي خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو.


