اسلام آباد:
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پويان ڀارت جو هٿ آهي، جيڪو دهشتگردن کي وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي.
بلوچستان نيشنل ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ڀارت جو ڪردار واضح آهي، جيڪو دهشتگردن کي وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي. افغان عبوري حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي.
هن چيو ته دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ نه رڳو عوام قربانيون ڏئي رهيا آهن پر اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به شامل آهن ۽ اسان جي پاڪ فوج جا محنتي سپاهي ۽ آفيسر به شامل آهن.
هن چيو ته دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ هن وقت تائين اسان جا 90 هزار پاڪستاني شهيد ٿي چڪا آهن، ان جنگ جي پويان ڀارت آهي جيڪو کين وسيلا به فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ٻيا عنصر به ملوث آهن.
وزيراعظم چيو ته بلوچستان جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، پاڪستان جي قيام ۾ بهادر بلوچن ۽ پختونن اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ان وقت ترقي نه ڪري سگهندو، جيستائين چارئي صوبا ترقي جي دوڑ ۾ برابر جا شريڪ نه ٿيندا ۽ مان ان ڳالهه کي دل جي گهراين سان قبول ڪريان ٿو ۽ يقين ڏيان ٿو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي.
ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي حملي جي مذمت
ان دوران وزيراعظم ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي. وزيراعظم حادثي ۾ سب انسپيڪٽر سجاد الاسلام ۽ ڪسٽم ڪانسٽيبل جواد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي خاندانن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ذميوارن جو تعين ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ چيو ته ملڪ مان دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.


