ڪراچي؛ رڪشي ۾ سوار جوابدارن پيءُ پٽ تي فائرنگ ڪري ڏني

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

هٿياربندن فائرنگ ڪري رڪشا ۾ ويندڙ پيءُ پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو.

بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد نارٿ ڪراچي سيڪٽر 5 ايم پرائيويٽ سپر اسٽور وٽ اڻڄاتل هٿياربندن رڪشا تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا سوار جو پيءُ زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمي پيءُ جي سڃاڻپ 58 ورهين جي محمد عالم پٽ ريحان بخش ۽ پٽ جي 29 ورهين جي شاهه نور طور ٿي آهي. پوليس موجب زخمي پيءُ پٽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر 5 جا رهواسي آهن ۽ رڪشا ۾ سوار هئا.

پيءُ پٽ نارٿ ڪراچي فور چورنگي ۽ پاور هائوس چورنگي طرف سروس روڊ تان گذري رهيا هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن سندن مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. شروعاتي اطلاعن موجب زخمي پيءُ پٽ وٽان ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو، بظاهر واقعو ذاتي دشمني لڳي ٿو، جڏهن ته فائرنگ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ ڀرپاسي واري علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن واقعي جي نوعيت معلوم ٿي سگهي ۽ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائي سگهجي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment