اسرائيلي فوج جو هڪ اهلڪار فلسطيني ۽ اسرائيلي وچ ۾ ويسٽ بئنڪ جي ڳوٺ تل ۾ هٿياربند ويڙهه ۾ مارجي ويو.
عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن اسرائيلي آبادگار فوج کان اڳواٽ رابطي يا اجازت کانسواءِ تل جي ڳوٺ ۾ داخل ٿيا، جتي ڇڪتاڻ دوران فلسطينين سان جهيڙي شروع ٿي وئي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جهڙپ دوران هڪ فلسطيني شهري اتي موجود سول سيڪيورٽي آفيسر کان اسالٽ رائفل کسي ورتي ۽ ان ئي هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ميجر يوول عزرا مارجي ويو.
مارجي ويل آفيسر جي سڃاڻپ 27 سالن جي ميجر يوول ايزرا طور ٿي آهي، جيڪو 282هين آرٽلري رجمينٽ جي 411 هين بٽالين ۾ بيٽري ڪمانڊر هو ۽ هو هرزليا سان تعلق رکي ٿو، اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب.
اسرائيلي فوج به واقعي ۾ ٻئي اسرائيلي جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ان کي فوج جو شهيد قرار ڏنو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ماسٽر سارجنٽ 32 ورهين جي رزروسٽ بيناه ملٽ جي نالي سان ٿي آهي.
ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي آبادگارن ۽ فلسطينين وچ ۾ جهڙپ ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 2 ٿي ويو جڏهن ته 4 فلسطيني پڻ مارجي ويا.
ان ويڙهه ۾ ٻه اسرائيلي ۽ چار فلسطيني مارجي ويا آهن. اهو واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج، فلسطيني هٿياربند گروپن ۽ آبادگارن وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.


