مشهور هالي ووڊ فلم ”دي ماسڪ“ جو ڊائريڪٽر چک رسل 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
چڪ رسل جي گهرواري ۽ اداڪارا اينيا زين سندس موت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ڪيليفورنيا جي شهر سين ڊياگو ڀرسان پنهنجي گهر ۾ اوچتو فوت ٿي ويو، پر موت جو ڪارڻ اڃا تائين سامهون ناهي آيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مقامي فائر سروس اهلڪار بي هوش شخص جي اطلاع تي سندس رهائشگاهه تي پهچي ويا ۽ سندس گهرواري وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيليفورنيا روانو ٿي ويو.
چڪ رسل هالي ووڊ ۾ چئن ڏهاڪن جي پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي يادگار فلمون ٺاهيون. هن کي 1994 جي سپر هٽ فلم ’دي ماسڪ‘ لاءِ ياد ڪيو ويندو آهي، جنهن جم ڪيري کي عالمي شهرت حاصل ڪئي.
چڪ رسل کان پوءِ سندس زال، ٽي ٻار ۽ هڪ ڀيڻ آهي.


