اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احد چيما سان پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقي جي آفيس (ايف سي ڊي او) جي ڊولپمينٽ ڊائريڪٽر سام والڊاڪ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي تعاون، ترقياتي قدمن ۽ سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي وزير احد چيما چيو ته معاشي استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٽيرف پاليسي ۾ جامع سڌارا آڻڻ سان گڏ حڪومت مختلف شعبن لاءِ ”سيڪٽر بيسڊ“ پاليسي سڌارن تي به ڪم ڪري رهي آهي.
احد چيما چيو ته اداري سڌارن ۽ پاليسين تي عملدرآمد ۾ ايف سي ڊي او جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن جي موجوده فارمولي سان ذخيره اندوزي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هفتيوار بنيادن تي ايف بي آر جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي منصوبن جو جائزو وٺندو آهي ۽ بهتر منصوبابندي ۽ وسيلن جي موثر استعمال سان منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن.
سام والڊڪ ٽيرف پاليسي ۾ حڪومت جي سڌارن، مختلف شعبن لاءِ ’سيڪٽر بيسڊ‘ پاليسين، ۽ پاور ۽ پيٽروليم جي شعبي جي ساراهه ڪئي.


