ويسٽ انڊيز، انگلينڊ ٽيسٽ سيريز؛ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 2 تبديلين جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ٻن تبديلين جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي موجب عبدالله فضل جي جاءِ تي عبدالله شفيق کي قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عبدالله فضل زخمي سبب ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. عبدالله شفيق کان علاوه کاٻي هٿ جي بيٽسمين سعود شڪيل کي به اضافي متبادل طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جو ايندڙ اسائنمينٽ انگلينڊ جو دورو آهي. پاڪستاني ٽيم انگلينڊ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment