پنجاب ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو نظام ناڪام، لکين ٽن فصل سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


لاهور:

پنجاب ۾ هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايل ”ايگريگيٽر سسٽم“ گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا، حڪومت 15 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف حاصل نه ڪري سگهي، جڏهن ته فصل لٽڻ کانپوءِ ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ هارين کي به 3 هزار کان 3 هزار 100 رپيا في مڻ اگهه مليو.

هن سال صورتحال کي ڏسندي خوراڪ کاتي مستقبل ۾ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ملٽي ليول سسٽم تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ايگريگيٽر سان گڏ EWR سسٽم ۽ خريداري جو نئون ماڊل به شامل هوندو، جڏهن ته حڪومت پنجاب فوڊ ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ بدران ري سٽرڪٽچر ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن تحت کاتي جو نالو تبديل ڪرڻ، کاتي جي عهدن جي تبديلي سميت ڪيترائي تجويزون غور هيٺ آهن.

زرعي ۽ معاشي ماهرن موجب پنجاب حڪومت هن سال ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 11 چونڊيل ڪمپنين يعني ايگريگيٽر کي آزمايو، پر ڪمرشل بئنڪن جي غير ضروري اعتراضن ۽ مطالبن سبب ايريگيٽر جي خريداري ٻه کان ٽي هفتا دير سان شروع ٿي، جنهن دوران مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 3500 رپين کان وڌي ويو.

هوڏانهن سرڪاري چيڪ پوسٽون قائم ٿيڻ باوجود لکين ٽن ڪڻڪ سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ڏانهن رواني ٿي وئي، جنهن سبب پنجاب جي کليل ڪڻڪ جي مارڪيٽ سخت دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران 10 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اعلان باوجود قيمتون گهٽجڻ بدران وڌي رهيون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪڻڪ پوکڻ جي ٻن کان ٽن مهينن اندر درآمد ڪرڻي پئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment