ارسديپ سنگهه سمرين ڪور سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي، تصويرون وائرل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڀارتي ڪرڪيٽر ارسديپ سنگهه پهريون ڀيرو عوامي سطح تي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي پنجابي ماڊل ۽ اداڪارا سمرين ڪور سان لاڳاپن بابت هلندڙ افواهن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي فاسٽ بالر سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي سمرين ڪور سان گڏ پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون ۽ ڪيپشن ۾ مختصر پر معنيٰ وارا لفظ ”مائي پرسن“ لکيو.

انهن تصويرن کان پوءِ مداحن جوڙي کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ارشديپ ۽ سمرين جي رشتي جي خبر ڪيئن شروع ٿي؟

ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپن جي خبر هن سال سامهون آئي جڏهن ارسديپ سنگهه اسنيپ چيٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ عورت جو چهرو صاف ناهي.

سوشل ميڊيا صارفين ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپن تي قیاس آرائي ڪئي ته تصوير ۾ موجود عورت جي ٽيٽو ۽ نيل آرٽ کي سميرين ڪور سان ڳنڍيو، جنهن کانپوءِ اهي قياس آرائي تيزيءَ سان پکڙجي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment