حڪومت طرفان ملڪ ۾ مهانگائي سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي صورت ۾ شهرين تي وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي.
12 ڏينهن ۾ ڊيزل 65 رپيا 8 پئسا ۽ پيٽرول 25 رپيا 1 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.
17 جولاءِ تي ملڪي سطح تي ڊيزل 323 رپيا 3 پئسا في ليٽر جي حساب سان دستياب هو، جڏهن ته 17 جولاءِ تي ئي پيٽرول جي قيمت 310 رپيا 71 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي. وفاقي حڪومت 17 جولاءِ تي روزاني جي بنياد تي اگهه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
اڄ 29 جولاءِ تي ملڪ ۾ پيٽرول جو في ليٽر اگهه 335 رپيا 81 پئسا في ليٽر آهي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 38 رپيا 38 پيسا جي سطح تي پهچي وئي آهي. ان 12 ڏينهن دوران پيٽرول جي قيمت ۾ صرف 2 ڀيرا معمولي گهٽتائي ٿي آهي.
21 جولاءِ تي پيٽرول 35 پئسا سستو ڪيو ويو جڏهن ته 27 جولاءِ تي 1 رپيا سستو ڪيو ويو. ان کان علاوه، 17 جولاء کان ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته 17 جولاءِ کان عالمي مارڪيٽ ۾ به ڊالرن ۾ مسلسل واڌ جو رجحان جاري هو. 25 جولاءِ کان 28 جولاءِ تائين عالمي مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو امڪان آهي.
عالمي سطح تي 3 ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، پر ملڪي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين نه پهچايو ويو آهي.


