صوبن وفاق کان 2.2 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ طلب ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

ملڪ ۾ اٽي جي وڌندڙ اگهن تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ چئني صوبن وفاقي حڪومت کي 2.2 ملين ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته وفاق شروعاتي طور تي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ذريعي اٽڪل 1 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.

نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ فيڊرل ويٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن جي ضرورتن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبا درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ادائيگي لاءِ بيڪ ٽو بيڪ ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سي) جاري ڪندا، جڏهن ته ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي جي صورت ۾ اها رقم قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان وصول ڪئي ويندي.

پاڪستان شماريات بيورو موجب سرڪاري سطح تي اٽي جو سراسري اگهه هڪ سال دوران 74 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 129 رپيا في ڪلوگرام تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته پشاور ۾ اٽي جو اگهه 150 رپيا في ڪلوگرام رڪارڊ ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پنجاب 1 ملين ميٽرڪ ٽن، سنڌ 720 هزار ميٽرڪ ٽن، خيبرپختونخواهه 425 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ بلوچستان 57 هزار 500 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي طلب ڪئي.

اختيارين موجب پنجاب جي گهرج پاسڪو جي ذخيرن، امپورٽ ٿيل ڪڻڪ يا ٻنهي ذريعن ذريعي پوري ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته سنڌ پاسڪو جي ذخيرن مان 5 لک ميٽرڪ ٽن ۽ 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

اجلاس ۾ خانگي شعبي جي نمائندن حڪومت کان ڪڻڪ جي درآمد ۽ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي هٽائڻ جي به درخواست ڪئي پر ڪڻڪ بورڊ انهن مطالبن کي رد ڪندي واضح ڪيو ته صوبن جون ضرورتون ٽي سي پي ذريعي درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ سان ئي پوريون ڪيون وينديون.

فيصلي موجب درآمدي عمل کي شفاف مقابلي واري بولنگ ذريعي مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته خريداري ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽين ۾ صوبائي نمائندن کي شامل ڪيو ويندو ته جيئن معيار ۽ خريداري جي عمل ۾ شفافيت برقرار رهي.

امپورٽ پلان ۽ مالي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ بعد فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزارت اقتصادي رابطا ڪميٽي کان منظوري ورتي ويندي جنهن کانپوءِ ڪڻڪ جي درآمد جو باقاعدي عمل شروع ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment