تهران: ايران ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ چين کان جديد ڪلهي تي هلندڙ هوائي دفاعي نظام جي پهرين بيچ حاصل ڪرڻ وارو آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب ان معاهدي کي ايران جي فضائي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وڏي ڪوششن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ايران چين کان 300 کان 400 جديد انسان پورٽيبل ايئر ڊفينس سسٽم خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي جنهن ۾ QW-12 ۽ FN-16 طرز جا ميزائل سسٽم شامل آهن.
ذريعن موجب اها ڊيل 60 کان 70 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. ابتدائي ترسيل ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايران پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته، ٻنهي ملڪن کان ڪا به سرڪاري تصديق نه آئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان تازي جنگ دوران ايران جي فضائي دفاعي نظام ۾ ڪجهه ڪمزورين کي اجاگر ڪيو ويو.
تجزيه نگارن موجب چين جو هي جديد فضائي دفاعي نظام گهٽ اڏامندڙ جهازن، هيلي ڪاپٽرن، ڊرونز ۽ ڪجهه ٻين فضائي هدفن جي خلاف اثرائتو سمجهيا وڃن ٿا ۽ ايران جي مختصر فاصلي واري فضائي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا.
ٻئي طرف ان معاهدي تي چين يا ايران جي حڪومت طرفان ڪو به باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته رائٽرز به پنهنجي رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي اها دعويٰ پيش ڪئي آهي.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن معاهدي تي مڪمل طور تي عمل ٿيو ته ان سان نه رڳو ايران جي دفاعي حڪمت عملي مضبوط ٿيندي پر ان جا اثر وچ اوڀر ۾ فوجي توازن ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي به پئجي سگهن ٿا.


