پاڪستان ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم تصديق ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ دوران اڳوڻي ڪپتان شان مسعود جي آڱر ۾ فريڪچر ٿيو هو.
اها چوٽ کيس پهرين اننگز ۾ بيٽنگ ڪندي پيش آئي، جنهن سبب هو ٻي اننگز ۾ معمول جي پوزيشن بدران اٺين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ آيو.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته شان مسعود جي انجري سبب ٽيم جو ڪمبينيشن متاثر ٿيو ۽ سندس غير موجودگي واضح طور تي محسوس ٿي رهي آهي.
سندس موجب شان آڱر ۾ فريڪچر سبب مڪمل طور تي فٽ نه هو، جنهن سبب پاڪستان جي بيٽنگ به متاثر ٿي.
🚨 پاڪستان لاءِ خراب خبر 🚨
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود کي گذريل ڏينهن بيٽنگ دوران جيڊن سيلز جي ڊليوري لڳڻ سبب آڱر ۾ فريڪچر ٿي ويو آهي.
هو اڃا به بيٽنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر اچي سگهي ٿو جيڪڏهن پاڪستان 9 وڪيٽون ڪري چڪو آهي ۽ هن جي ضرورت آهي.
پيروي ڪرڻ لاء وڌيڪ تفصيل.
زخمي… pic.twitter.com/AfEaw6mpIM
– ميان احمد (@aHmADmIaN150) جولاءِ 28، 2026
جڏهن ته بابر اعظم واضح ناهي ڪيو ته شان مسعود ايندڙ ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ موجود هوندو يا نه.
واضح رهي ته پاڪستان کي پهرئين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز هٿان 90 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، اها به ٽيم جي ٻاهرين ملڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مسلسل اٺين ناڪامي ثابت ٿي.


