اسلام آباد: ٻن گروپن ۾ جهيڙو، 2 ڀائر مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ڪرپا ٿاڻي تي ٻن گروپن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڀائر مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اسلام آباد پوليس موجب ڪرپا ٿاڻي جي حد دروالا ۾ چوڌري زبير ۽ چوڌري حنيف جي ٻن گروپن ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي گروپن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڀائر مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي دوران چوڌري زبير ۽ چوڌري تنوير عرف تارو مارجي ويا، جڏهن ته چوڌري زبير گروپ جا 4 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جنهن تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوتين جا وارثن جو وڏو انگ پولي ڪلينڪ اسپتال ٻاهران موجود آهي. پوليس موجب ٻنهي گروپن جا ميمبر ويجها مائٽ آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment