ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري بحران تازو تاريخ جو سڀ کان وڏو سپلائي جھٽڪو آهي، حڪومت ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪمزور طبقن کي رليف ڏئي رهي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي صدارت هيٺ وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وزيرن، مرڪزي بئنڪ جي گورنرن ۽ علائقائي مالياتي ادارن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي صدارت هيٺ عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اسپرنگ اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو. وچ اوڀر تازو تاريخ ۾ وڏي سپلائي جھٽڪن مان هڪ آهي. ناڻي واري وزير وچ اوڀر جي بحران جي شروعاتي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ درآمدي حڪمت عملي، قيمتن جي نظام ۽ لاجسٽڪ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. سينيٽر اورنگزيب پنهنجي ان عزم کي ورجايو ته حڪومت سماج جي ڪمزور طبقن جي تحفظ لاءِ وڏي پئماني تي سبسڊي ڏيڻ بدران ٽارگيٽيڊ سپورٽ ڏانهن وڌي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان بحران جي ٻئي ۽ ٽئين سطح جي اثرن جو جائزو وٺي رهي آهي، جنهن ۾ مهانگائي، معاشي ترقي، برآمدات، ترسيل ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ شامل آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مضبوط پاليسي بنيادن سان هن عالمي غير يقيني صورتحال ۾ قدم رکيو آهي ۽ ماضي جي جھٽڪن خاص ڪري تازي ٻوڏ مان اهم سبق سکيو آهي. سڌارن واري ايجنڊا تي عمل جاري رکڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاليسي ۾ ضروري تبديليون ذميواري سان ڪيون وينديون ۽ معاشي استحڪام تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. آخر ۾ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي قيادت جو مسلسل سهڪار ۽ رابطن تي شڪريو ادا ڪيو.
Source link

ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار سپلائي لاءِ هڪ تاريخي ڌڪ لڳايو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

