اسلام آباد:
پاڪستان گڏيل عرب امارتن جي باراڪه ايٽمي پلانٽ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان 17 مئي 2026 تي بارڪا نيوڪليئر انرجي پلانٽ تي ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، پاڪستان متحده عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايٽمي سهولتن کي جان بوجھائي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، جنهن ۾ عالمي انسانيت جي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ايٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪي عالمي توانائي ايجنسي جي قاعدن ۽ قراردادن ۾ به درج ٿيل آهن.
ترجمان موجب ايٽمي اڏاوتن کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻايو وڃي، اهڙي عمل سان انساني جانين، ماحوليات ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ تباهه ڪندڙ نتيجا نڪري سگهن ٿا.
پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته هو وڌ کان وڌ تحمل کان ڪم وٺن، ڇڪتاڻ کي وڌائڻ کان پاسو ڪن جڏهن ته عالمي معيارن ۽ عالمي انساني حقن جي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون وڃن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ۽ سفارتڪاري آهي.


