لبنان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ 8 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ جنگبندي معاهدي تي جاري ڳالهين دوران اسرائيل طرفان ڪيل هوائي حملن تي باضابطه شڪايت داخل ڪئي.
بين الاقوامي خبرن جي اداري موجب اهو اعلان لبنان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو آهي.
جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل 8 اپريل تي 100 کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا جن ۾ راڄڌاني بيروت سميت مختلف علائقن کي نشانو بڻايو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي حملا گهڻ آبادي واري رهائشي علائقن ۾ مصروف ڪلاڪن دوران ڪيا ويا ۽ شهرين کي اڳواٽ خبردار نه ڪيو ويو.
لبناني پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حملا عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي ۽ شهري آبادي لاءِ سڌو سنئون خطرو آهن.
لبناني اختيارين موجب حملن ۾ 30 ٻارن ۽ 71 عورتن سميت 303 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 1150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
لبنان سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ شهرين جي تحفظ ۽ عالمي قانونن جي تعميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.


