سي سي ڊي اهلڪارن جان بوجھ ڪري آسٽريلوي خاندان کي نشانو بڻايو.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ چکوال سانحي ۾ 9 ورهين جي هانيا جي قتل جي ايف آءِ اي کان عدالتي انڪوائري ۽ جاچ لاءِ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 9 ورهين جي هانيا کي سي سي ڊي اهلڪارن جي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستاني نسل جي آسٽريلوي خاندان کي جان بوجھ ڪري نشانو بڻايو ويو. درخواستگذار موجب هي واقعو شهرين جي بنيادي حقن تي سنگين حملو ۽ رياستي ادارن جي اختيارن جي استعمال تي وڏو سواليه نشان آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چکوال سانحو رڳو هڪ خاندان جو نه پر سڄي پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن جو معاملو آهي. عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته مقتول جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ آزاد ۽ خودمختيار عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي اعتراض اٿاري ڇڏيا، جنهن تي جسٽس صداقت علي خان اعتراضن سميت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment