غير قانوني ڀرتي ڪيس؛ سپريم ڪورٽ پرويز الاهي، محمد خان ڀٽي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سپريم ڪورٽ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت غير قانوني ڀرتين ۾ شريڪ جوابدار راءِ ممتاز جي عبوري ضمانت منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ کان پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي ڪيس جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. پنجاب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جو موقف هو ته جوابدار محمد خان ڀٽي ضمانت جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي، جوابدار ضمانت کانپوءِ 18 ڀيرا عدالت مان غير حاضر رهيو. جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ سبب ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي. عدالت پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي کي نوٽيس وٺندي جواب طلب ڪري ورتو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment