وفاقي حڪومت ملڪ ۾ 5 جي اسپيڪٽرم جي نيلامي باوجود موبائل انٽرنيٽ جي رفتار ۾ نمايان بهتري نه اچڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته وزيراعظم پي ٽي اي کان رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم شهباز شريف 5 جي اسپيڪٽرم جي نيلامي باوجود انٽرنيٽ جي رفتار بهتر نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي پي ٽي اي کان موبائل انٽرنيٽ اسپيڊ بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي چيئرمين طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني وئي آهي جنهن کانپوءِ وزيراعظم کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيلي ڪام آپريٽرز نيٽ ورڪ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ 4 ۽ 5 جي سامان درآمد ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهن. ذريعن موجب چيئرمين پي ٽي اي چيو آهي ته ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۾ بهتري سان انٽرنيٽ جي رفتار ۾ واضح بهتري ايندي، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد ۽ چئني صوبائي راڄڌانين ۾ 5 جي سروس شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته 5G سان فورج انٽرنيٽ جي رفتار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام کي تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، تيز ترين انٽرنيٽ ڊجيٽل نيشن پاڪستان جي ويزن لاءِ ناگزير آهي. شهباز شريف پي ٽي اي کي هدايت ڪئي ته ٽيلي ڪام آپريٽرز جي مقرر ڪيل هدفن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ذريعن موجب چيئرمين پي ٽي اي يقين ڏياريو آهي ته هو ريگيوليٽري ڪردار ادا ڪندي موثر چيڪ اينڊ بيلنس کي يقيني بڻائيندو.
Source link

5 جي اسپيڪٽرم نيلامي باوجود سست انٽرنيٽ سروس تي وزيراعظم جو نوٽيس، اهم هدايتون جاري
Leave a Comment Leave a Comment

