اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست بوم، انڊيڪس 170 هزار جي سطح پار ڪري ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ شاندار تيزيءَ جو رجحان رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس 170 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري ويو.

اڄ اربع ڏينهن مارڪيٽ شيئرز 4698 پوائنٽس جي وڏي جمپ سان کوليو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 170 هزار 333 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.

بعد ۾ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد سبب پي ايس ايڪس ۾ تيزيءَ جو رجحان برقرار رهيو ۽ انڊيڪس 4918 پوائنٽس جي شاندار واڌ سان 170 هزار 553 پوائنٽس کي ڇهيو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به پي ايس ايڪس ۾ ڪاروبار ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment