ڪراچي:
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ شاندار تيزيءَ جو رجحان رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس 170 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري ويو.
اڄ اربع ڏينهن مارڪيٽ شيئرز 4698 پوائنٽس جي وڏي جمپ سان کوليو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 170 هزار 333 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.
بعد ۾ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد سبب پي ايس ايڪس ۾ تيزيءَ جو رجحان برقرار رهيو ۽ انڊيڪس 4918 پوائنٽس جي شاندار واڌ سان 170 هزار 553 پوائنٽس کي ڇهيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به پي ايس ايڪس ۾ ڪاروبار ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو هو.


