ڪراچي؛ لياري ۾ 7 ماڙ عمارت 70 ڏينهن ۾ تعمير، ايس بي سي اي کي نوٽيس جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عدالت لياري واري علائقي ۾ 7 ماڙ عمارت غير قانوني طور اڏائڻ واري معاملي تي ايس بي سي اي کي نوٽيس جاري ڪندي 70 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

تفصيل موجب عدالت لياري ۾ غير قانوني عمارت جي اڏاوت خلاف شهري زاهد حسين جي درخواست تي ايس بي سي اي عملدارن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڌرين کي 26 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو.

درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ايس بي سي اي، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ لينڊ ڊپارٽمينٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي. ان کان علاوه ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس بي سي اي، بلڊر شاهه جهان ۽ شاهه نواز به درخواست ۾ ڌر آهن.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته لياري جي آگرا تاج واري علائقي ۾ بلڊرز غيرقانوني طور تي عمارت ٺاهي آهي. پلاٽ نمبر 25 مرزا آدم خان روڊ آگره تاج ڪالوني تي غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن. بلڊرز 70 ڏينهن ۾ 7 ماڙ عمارت ٺاهي.

عدالت ۾ داخل درخواست موجب عمارت ايس بي سي اي سميت ٻين قانونن خلاف تعمير ڪئي وئي. عمارت جي تعمير ۾ خراب مواد استعمال ڪيو ويو آهي. غيرقانوني اڏاوتن خلاف ايس بي سي اي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر اداري غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي نه ڪئي.

درخواستگذار چيو ته لياري بغدادي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ عمارت ڪرڻ سبب 13 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. عمارت جي غيرقانوني اڏاوت سبب انساني جانيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. عدالت کي استدعا آهي ته غيرقانوني عمارت ڊاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ايس بي سي اي کي به حڪم ڏنو وڃي ته غير قانوني اڏاوتن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment