4 سالن ۾ موبائل ڪمپنين کي 3 ارب 41 ڪروڙ رپيا ڏنڊ، سروس ۽ ڪوريج جي بهتري لاءِ مهلت ڏني وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائيل ڪمپنين کي ناقص سروس ۽ ڪوريج جي خامين کي دور ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته چئن سالن ۾ ڄاڻايل ڪمپنين کي 3 ارب 41 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي. پي ٽي اي موجب سڄي ملڪ ۾ موبائل سروسز جي معيار ۽ ڪوريج کي بهتر بڻائڻ لاءِ ريگيوليٽري ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. پي ٽي اي موبائيل آپريٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته هو 30 ڏينهن اندر ضروري قدم کڻن ۽ سروس ۾ خرابين جي سببن جي نشاندهي ڪري اصلاحي پلان پيش ڪن. موبائيل ڪمپنين کي خبردار ڪندي پي ٽي اي چيو آهي ته خرابيون نه هٽائڻ وارن آپريٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پي ٽي اي موجب گذريل 4 سالن دوران موبائيل ڪمپنين تي 3 ارب 41 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ سروس جي معيار ۽ ڪوريج جي ڀڃڪڙي تي 20 وارننگ ليٽر ۽ 86 شو ڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment