ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ويسٽ انڊيز جي قيادت رسٽن چيس ڪندو جڏهن ته جميل واروڪ کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. اسڪواڊ ۾ جوشوا بشپ، ٽيجنارائن چندرپال، جوشوا ڊي سلوا، جسٽن گريوز، ڪيم بوج، شي هوپ، عامر جيانگو، شيمار جوزف، برينڊن ڪنگ، ڪرڪ ميڪنزي، گداڪيش موتي، ڪيمو پال، ڪيمار روچ، جيڊن سيلز ۽ جميل واريڪن شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 25 جولاءِ کان شروع ٿيندي، انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو آخري ڀيرو قومي ٽيم 2023 ۾ سريلنڪا کي سريلنڪا جي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ 2-0 تان شڪست ڏني هئي، پر ان کان پوءِ پاڪستان مسلسل 7 ٽيسٽ ميچون پرڏيهه ۾ هارائي چڪو آهي. بابر اعظم ان سيريز ۾ ٻيهر پاڪستان جي قيادت ڪري رهيو آهي، جنهن کي شان مسعود جي جاءِ تي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
Source link

پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز: ويسٽ انڊيز 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

