ڪيٿولڪ عيسائين جي اڳواڻ پوپ ليو XIV صدر ٽرمپ جي پاليسين جي مخالفت ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا ۾ امن جي عالمگير پيغام کي اجاگر ڪيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب پوپ ليو ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو آهي ته جنگ جا سوداگر اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته تباهي چند لمحن ۾ ٿيندي آهي پر بحاليءَ ۾ سموريون زندگيون ضايع ٿينديون آهن.
هن جنگ جي تباهي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا چند آمرن جي ڪري تباهه ٿي رهي آهي. جيڪي جنگ تي اربين ڊالر اُڏامندا آهن اهي ظالم آهن.
پوپ ليو وڌيڪ چيو ته دنيا جنگين ۽ تباهي تي تمام گهڻو وسيلا خرچ ڪري رهي آهي جڏهن ته صحت، تعليم ۽ بحالي جهڙن بنيادي شعبن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
هن مذهب جي غلط استعمال تي به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه عنصر مذهب ۽ خدا جي نالي کي پنهنجي سياسي، معاشي ۽ فوجي مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا، جيڪو انتهائي خطرناڪ رجحان آهي.
پوپ ليو چيو ته جيتوڻيڪ دنيا چند ظالمن جي ڪري تباهه ٿي رهي آهي پر هي دنيا بيشمار رحمدل ۽ مددگار ماڻهن جي ڪري قائم آهي.
پنهنجي خطاب جي آخر ۾ هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو جنگين بدران انساني ڀائيچاري، پائيدار ترقي ۽ امن کي ترجيح ڏين.
ياد رهي ته پوپ ليو ان کان اڳ ايران جنگ تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي صدر ٽرمپ ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو هو ته پوپ ليو کي پرڏيهي پاليسي جي ڪا به خبر ناهي.


