ايران جي راڄڌاني تهران ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايراني شهرين چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا ريليون ۽ حمايت اسان کي نظر اچي رهي آهي، اها اسان لاءِ فخر جو باعث آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو ته پاڪستان جي محبت ۽ حمايت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، پاڪستان هميشه ايراني عوام سان گڏ بيٺل آهي. اسان کي پاڪستاني عوام جو پيار ڀريو پيغام مليو آهي.
شهرين چيو ته پاڪستان جي عوام جنهن جوش ۽ جذبي سان اسان جو ساٿ ڏنو آهي. اسان پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت جا شڪر گذار آهيون ۽ توهان کي سلام پيش ڪريون ٿا.
هڪ شهري چيو ته مان پاڪستان جي باشعور عوام جو شڪر گذار آهيان جن ايراني عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، ايران پاڪستاني عوام جي محبت ۽ حمايت کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو.


