ناڻي واري وزير جي آمريڪي ڪامرس سيڪريٽري سان ملاقات، اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ امريڪي ڪامرس سيڪريٽري هاورڊ لٽينڪ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي اقتصادي ڀائيواري کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ناڻي واري وزارت موجب آمريڪا جي واپار واري وزير ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان واشنگٽن ڊي سي ۾ ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اسپرنگ ميٽنگ 2026ع جي موقعي تي ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري جي وهڪري کي وڌائڻ ۽ خانگي شعبي جي شموليت کي آسان بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو.

ملاقات ۾ مائننگ، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت اهم شعبن ۾ تعاون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي بنياد تي اقتصادي تعاون جي نون موقعن کي استعمال ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment