سعودي عرب پاڪستان ۾ رکيل 3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو معاهدو ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



سعودي عرب پاڪستان ۾ رکيل 3 ارب ڊالرن جا ذخيرا واپس وٺي ڇڏيا آهن، جنهن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ وچ ۾ باضابطه معاهدو ٿي ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزارت موجب ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم مالياتي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ايس ايف ڊي) ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن تحت اسٽيٽ بينڪ ۾ رکيل 3 ارب ڊالرن جي سعودي ذخيرن جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ڊيپازٽ رول ​​اوور معاهدي تي سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ طرفان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد دستخط ڪيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاهدو مضبوط اقتصادي لاڳاپن جو عڪاسي آهي. معاهدو پاڪستان جي ٻاهرين مالي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان کي سعودي عرب مان 2 ارب ڊالرز جي رقم ملي هئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب مان ٻه ارب ڊالر مليا آهن. پاڪستان هن مهيني متحده عرب امارات کي 3.5 بلين ڊالر ادا ڪرڻا آهن، يو اي اي پنهنجي ڊالر جي ذخيرن کي رول اوور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پاڪستان به هن مهيني يورو بانڊ ميچورٽي جي مد ۾ 1.2 بلين ڊالر ادا ڪيا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment