سون جون قيمتون رڪارڊ گهٽجي ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ اوچتو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ خميس تي سون جي في اونس قيمت ۾ 243 ڊالرن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سون جو نئون عالمي اگهه 4 هزار 767 ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو.

اهڙي طرح مقامي سٽا مارڪيٽن ۾ اڄ خميس تي سون جي في تولو قيمت ۾ 24 هزار 300 رپين جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، نئين قيمت 4 لک 99 هزار 462 رپيا في تولا ٿي وئي.

في تولو سون جي اگهه سان گڏ مقامي مارڪيٽ ۾ 10 گرام سون جو اگهه به 20 هزار 833 رپيا گهٽجي ويو، نئين قيمت 4 لک 28 هزار 208 رپين جي سطح تي اچي وئي.

سون جي اگهه ۾ گهٽتائي سان مارڪيٽ ۾ چاندي به سستي ٿي وئي ۽ في تولو چاندي جو اگهه 760 رپيا گهٽتائي سان 7734 رپيا جڏهن ته 10 گرام چاندي جو اگهه 652 رپيا گهٽتائي سان 6630 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment