متحده عرب امارات جو ٻه ارب ڊالر قرض واپس ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان متحده عرب امارات جو 2 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ هڪ ارب ڊالر واپس ڪيا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ گڏيل عرب امارتن کي 2 ارب ڊالرن جي ادائيگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ان باوجود ملڪي ذخيرن تي ڪو به فرق نه پوندو. ان کان اڳ گڏيل عرب امارات پاڪستان کان پنهنجا 3.5 ارب ڊالر واپس گهريا هئا، جنهن کانپوءِ 2 ارب ڊالر ادا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته وڌيڪ هڪ ارب ڊالر 23 اپريل تي ادا ڪرڻا آهن، ٻئي طرف پاڪستان کي سعودي عرب کان ٻه ارب ڊالر ٻه ڏينهن اڳ مليا هئا ۽ گذريل ڏينهن يورو بانڊن جي وڪري مان پاڪستان کي 500 ملين ڊالر به مليا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اي اي کي مڪمل ادائيگي باوجود ملڪي ڊالرن جا ذخيرا متاثر نه ٿيندا ۽ پرڏيهي ادائيگي جا انتظام موجود آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment