ڪمرشل پروازن لاءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت ڪمرشل اڏامن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول ون جي قيمت ۾ 23 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. وچ اوڀر ۾ جنگ دوران جيٽ فيول جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ وفاقي حڪومت هاڻي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ سيز فائر کي نظر ۾ رکندي جيٽ فيول جي قيمتن ۾ رليف ڏنو آهي. حڪومت ڪمرشل پروازن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول ون جي قيمت ۾ 23 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ جيٽ فيول جي قيمت 471 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. ياد رهي ته هڪ هفتي دوران جيٽ فيول جي قيمت ۾ 46 رپيا 46 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment