فيلڊ مارشل جو وفد سان گڏ ايران جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي وفد سان گڏ ايران جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي وفد سميت ايران جو دورو مڪمل ڪيو، جنهن دوران فيلڊ مارشل ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پٺاڻ سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ خاتم الانبياء هيڊڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبدالله سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ سفارتي لاڳاپا جاري رکڻ تي زور ڏنو. فيلڊ مارشل ايراني قيادت ۽ عوام جو گرمجوشي سان مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فيلڊ مارشل صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment