اسلام آباد:
وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري تي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽيم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انتهائي ڪامياب چونڊ مهم هلائي.
وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ سياسي پارٽين ڀرپور حصو ورتو، جيڪو جمهوري عمل جي ڪامياب انعقاد جي نشاني آهي.
شهباز شريف چيو ته عوام ايندڙ مرحلي ۾ به ساڳي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪري جمهوري عمل کي ڪامياب بڻائي.


