گوادر بندرگاهه تي عالمي سامونڊي واپار ۾ تاريخ رقم ڪئي وئي جتي پاڪستان جي سامونڊي معيشت لاءِ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو عالمي جهازن کي مقامي سطح تي فيول ڏنو ويو. نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن (NLC) عالمي توانائي ڪمپني Vaytool جي تعاون سان گوادر پورٽ تي پهريون ڪامياب بنڪرنگ آپريشن مڪمل ڪري ورتو آهي، ان تاريخي آپريشن دوران 2500 ميٽرڪ ٽن انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ ويري لو سلفر فيول آئل (VLSFO) UAE جي مالڪ LNG جهاز ENUGU کي فراهم ڪيو ويو. هن آپريشن جو هڪ اهم پهلو اهو آهي ته استعمال ٿيل ٻارڻ پاڪستان جي مقامي ريفائنري Cnergyico PK Limited ۾ تيار ڪيو ويو، جيڪو عالمي معيارن موجب سامونڊي ايندھن جي مقامي پيداواري صلاحيت جو واضح ثبوت آهي. ماهرن موجب ان ڪاميابي سان گوادر پورٽ عالمي جهازن لاءِ هڪ قابل اعتماد بنڪرنگ هب بڻجي ويو آهي. خطي ۾ جاري جيو-سياسي ڇڪتاڻ ۽ تيل جي فراهمي جي روايتي مرڪزن تي وڌندڙ دٻاءُ جي تناظر ۾ گوادر عالمي شپنگ لاءِ محفوظ، موثر ۽ اسٽريٽجڪ متبادل بڻجي سگهي ٿو. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اها پيش رفت نه رڳو پاڪستان جي بندرگاهن جي سرگرمين کي هٿي ڏيندي پر بليو اڪانومي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جا نوان موقعا به پيدا ڪندي، جنهن سان گوادر پورٽ جي عالمي اهميت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اميد آهي.
Source link

گوادر بندرگاهه تي نئين تاريخ، پهريون ڀيرو عالمي جهازن کي ايندھن جي فراهمي
Leave a Comment Leave a Comment

