ڪينيا جي نوجوان ايٿليٽ ايممنول وانيوني ڊائمنڊ ليگ موناڪو ۾ مردن جي 1,000 ميٽر ريس ۾ 26 سال پراڻو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
21 سالن جي وانيوني پنهنجي پهرين 1,000 ميٽر ايونٽ ۾ ٻه منٽ 11.83 سيڪنڊن جو وقت رڪارڊ ڪيو، 1999 ۾ قائم هم وطن نوح نجان جي رڪارڊ کي 0.13 سيڪنڊن جي ڀيٽ ۾ بهتر بڻائي ڇڏيو.
عظيم برطانيه جي جڪ وائيٽمين سخت مقابلو ڪيو، جڏهن ته، ٻه منٽ 12.77 سيڪنڊن ۾ ٻيو نمبر ختم ڪيو.
اها به سندس ذاتي بهترين ڪارڪردگي ثابت ٿي جڏهن ته الجزائر جي جمال سجاتي ٽين پوزيشن ورتي.
ڪاميابي کانپوءِ وانيوني خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت سندس ڌيان 800 ميٽر ورلڊ رڪارڊ تي نه پر ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي آهي.
ٻين ايونٽس ۾ جميڪا جي اوبليڪ ساويل مردن جي 100 ميٽر، سينٽ لوشيا جي جولين الفريڊ عورتن جي 200 ميٽر ۽ پول والٽ ۾ ورلڊ رڪارڊ هولڊر آرمنڊ ڊوپلانٽس 6.07 ميٽر جي جمپ سان ايونٽ جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو.


