پاڪستان ۾ بنجر زمينن کي قابل کاشت بڻائڻ لاءِ انقلابي منصوبي جو آغاز

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت بنجر زمينن کي پوکڻ لائق بڻائڻ لاءِ انقلابي منصوبو شروع ڪيو ويو. اوورسيز پاڪستاني به گرين پاڪستان منصوبي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. CEO Yellow Green Farm غلام مصطفيٰ پنهنجي خاندان سميت پاڪستان لڏي ويو ۽ جديد زراعت جي واڌاري ۾ عملي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. غلام مصطفيٰ موجب هن ڊگهي مدي واري زرعي منصوبي کي هڪ منفرد ۽ پائيدار موقعو قرار ڏيندي چيو ته پرائيويٽ زمينن ۾ به اهڙا موقعا تمام گهٽ ملندا آهن. مقامي هاري محمد عبدالله لياقت چيو ته جي پي آءِ جي تحت 17 هزار ايڪڙ زمين حاصل ڪري زراعت کي هٿي ڏني وئي آهي ۽ مقامي سطح تي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. جي پي آءِ جديد زراعت متعارف ڪرايو ۽ ايگري مال قائم ڪيو جتي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون هڪ جاءِ تي موجود آهن. کسان اتحاد جي صدر خالد محمود کوکر موجب جي پي آءِ جو هي منصوبو وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي هڪ ناگزير ضرورت بڻجي ويو آهي. خالد محمود کوکر چيو ته ڊريپ ايريگيشن، پيوٽ ۽ اسپرڪلر سسٽم ذريعي پاڻي جي موثر استعمال کي يقيني بڻايو پيو وڃي. منصوبي تحت روايتي هارين کي جديد زرعي مشينري ۽ طريقن کي هٿي ڏئي جديد زراعت ڏانهن راغب ڪيو پيو وڃي. گرين پاڪستان انيشيٽو زرعي خودمختياري، پائيدار ترقي ۽ فوڊ سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment