افغانستان ۾ ڏوهاري عنصرن پاڙيسري ملڪن جي سماجي ۽ معاشي سلامتي کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.
ڪرغزستان جي معروف اخبار ”دي ٽائمز آف سينٽرل ايشيا“ موجب تاجڪ سيڪيورٽي اهلڪارن افغانستان کان تاجڪستان ويندڙ سرحد پار ڪري 2 افغان منشيات جي اسمگلرن کي ماري ڇڏيو.
تاجڪ سيڪيورٽي اهلڪارن موجب افغان منشيات فروش سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
تاجڪستان جي ضلعي فرخور ۾ مارجي ويل افغان اسمگلرن وٽان 25 ڪلوگرام منشيات به هٿ ڪئي وئي.
ماهرن موجب افغان ڏوهاري عنصرن جي پاڙيسري ملڪن ۾ مسلسل دراندازي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته طالبان حڪومت انهن ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي.


