ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿيل وحيد بخش گبول جي ڳولا ڇهين ڏينهن به جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


– اشتهار –

ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿيل وحيد بخش گبول جي ڳولا ڇهين ڏينهن به جاري آهي. کليل سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏندڙ وحيد بخش گبول جي ڳولا اڄ ڇهين ڏينهن به جاري آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه ريسڪيو آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته نوجوان وحيد بخش گبول مڇي مارڻ دوران اوچتو حادثي سبب سمنڊ ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. سندس چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران ڪيٽي بندر ۾ باقاعدي ريسڪيو سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتان هو ريسڪيو آپريشن جي پاڻ نگراني ڪري رهي آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر جوڻيجو چيو ته ريسڪيو ٽيمون غوطه خورن، رضاڪارن ۽ جديد سهولتن جي مدد سان سمنڊ جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته ريسڪيو آپريشن کي وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي، سمورا لاڳاپيل ادارا ريسڪيو آپريشن ۾ شامل آهن. اليڪشن ڪميشن کٽي بندر ساجد علي پٺاڻ چيو ته ڳولا جو دائرو وڌائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويا آهن، کٽي بندر جي مختلف ٿاڻن تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment