سنڌ رينجرز نيو ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي ڀتا خوري ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
تفصيل موجب سنڌ رينجرز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڀتا خوري ۾ ملوث 3 جوابدارن حماد پٽاڻي ولد رفيق، شهزاد پٽ غلام حسين ۽ سعد پٽ رمضاني کي گرفتار ڪري ورتو.
سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق صمد ڪاٺياواڙي گروپ سان آهي. گرفتار جوابدار ڀتا خوري ڪرڻ سان گڏ، ڀتا خوري لاءِ اڪائونٽ نمبر به ڏيندو هو ۽ وصول ڪيل رقم صمد ڪاٺياوادي گروپ جي ڪارڪنن کي واپس وٺي ڏيندو هو.
گرفتار جوابدار وصي الله لاکو گينگ سان واسطو رکندڙ خور صمد ڪاٺياوادي ۽ اسامه بن جميل جي حڪم تي ڪم ڪري رهيا هئا.
گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ايس آءِ يو حوالي ڪيو ويو آهي.


