ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالب چيو آهي ته تهران آمريڪا سان ڳالهين جو سلسلو جاري رکي ٿو پر وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب محمد باقر قاليباف پنهنجي ٽيليويزن بيان ۾ چيو ته ايران پنهنجي مخالفن تي ڀروسو نٿو ڪري ۽ صورتحال ڪنهن به وقت خراب ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته اسان کي دشمن تي ڀروسو ناهي، جنگ ڪنهن به وقت شدت اختيار ڪري سگهي ٿي.
ايران جي نيم سرڪاري مهر نيوز ايجنسي موجب قاليباف واضح ڪيو ته ايران هڪ طرف سفارتي عمل جاري رکي رهيو آهي ته ٻئي طرف هر ممڪن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڳالهيون اهم آهن پر قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ به ضروري آهن. سندس بيان کي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ اهم اشارو قرار ڏنو پيو وڃي.
ماهرن موجب ايران جي ’گفتگو ۽ تياري‘ واري پاليسي ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته تهران سفارتڪاري جا دروازا کليل رکڻ چاهي ٿو پر ساڳئي وقت پاڻ کي ڪنهن به امڪاني تڪرار لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.


