سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مستحق ٽرانسپورٽرن کي فوري رليف ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڊيٽا جي غلطين جي بنياد تي دير برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سبسڊي تي عملدرآمد بابت جائزو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري بين الصوبائي رابطا آصف اڪرام، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ فيول سبسڊي اسڪيم تحت 3 هزار 976 گاڏيون ادا ڪيون ويون، جنهن جي رقم 14 ڪروڙ 67 لک رپيا آهي، جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جي ڊيٽا ۾ غلطين سبب درستي جو عمل جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير تصديق جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 11 هزار 980 اهل گاڏين جو ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي. هن ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته هو وفاق سان ويجهن رابطي ۾ رهن. وڏي وزير حڪم ڏنو ته شناختي ڪارڊ، آءِ بي اين ۽ ٻين ڊيٽا جي غلطين کي فوري طور تي درست ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ٽرانسپورٽ نظام جي ڊجيٽلائيزيشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جي هدايتن تي ايڪسائيز کاتي جي موٽرن جي رجسٽريشن، پي ٽي اي ۽ آر ٽي اي سسٽم کي خودڪار ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. سيد مراد علي شاهه نظام کي ٽريفڪ ۽ موٽر وي پوليس سان ضم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير روٽ پرمٽ يا فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏيندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي لاءِ روٽ پرمٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. هن فيلڊ چيڪنگ ۽ ڏنڊن جي نظام کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ کاتي، ايڪسائيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ موثر رابطي کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته سبسڊي شفاف، بروقت ۽ مستحق ماڻهن کي فراهم ڪئي وڃي.
Source link

سنڌ جي وڏي وزير جو مستحق ٽرانسپورٽرن کي فوري رليف ڏيڻ جو حڪم
Leave a Comment Leave a Comment

