پي ايس ايل فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگرن ۽ آفيسرن تي مشتمل وفد اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (ايس ايس يو) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو.
ترجمان سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن موجب دوري دوران وفد ايس ايس يو جي آپريشنل طريقيڪار ۽ سهولتن جو جائزو ورتو.
ٽيم جي ميمبرن اعلي سطحي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ يونٽ جي پروفيشنلزم ۽ عزم کي ساراهيو.
وفد کي سڪيورٽي ڊويزن پاران کنيل قدمن ۽ جاري ڪوششن بابت بريفنگ ڏني وئي ته جيئن سڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شهر ۾ راندين جي ايونٽس دوران اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
مهمانن کي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي انڊور فائرنگ رينج ۾ شوٽنگ جي عملي مشقن جو تجربو پڻ ڏنو ويو.
وفد اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سخت حفاظتي انتظامن سبب رانديگر پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن.
دوري جي پڄاڻي تي ڊي آءِ جي سڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان وچ ۾ سووينئرز مٽايا ويا.


